حاصل جنين حال

حاصل جنين حال

حاصل جنين حال

حاصل جنين حال (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جا ميان محمد امين کوسي ڏانهن لکيل خط شامل آهن، جن جو مرتب ناليوارو ليکڪ آزاد قاضي آهي. جي. ايم. سيد ۽ امين کوسو هڪٻئي جا گهاٽا رفيق هئا ۽ سندن وچ ۾ هڪٻئي ڏانهن مختلف دؤرن ۾ خط و ڪتاب جاري رهندي هئي. جي. ايم. سيد ۽ محمد امين خان کوسي جي مثالي دوستي مشهور رهي آهي. هو جي. ايم. سيد کي سنڌ جي ڇوٽڪاري جو بنيادي سهارو تصور ڪندو هو. هن کان اڳ ۾ امين محمد کـوسـي جـا جـي. ايـم. سيد ڏانهن لکيل خط خود جي. ايم. سيد ترتيب ڏئي، ٻن ڀاڱن ۾، ’واڄٽ ويراڳين جا‘ عنوان سان ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. هي خط ايندڙ وقت جي محققن لاءِ هڪ بنيادي ماخذ (Source Material) طور محفوظ آهن. ڪتاب جي فصل پهرئين ۾ ميان محمد امين کوسي ولد عبدالعزيز کوسي جي حياتيءَ جو احوال، مرتب، ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ڪتاب مان کڻي شامل ڪيو آهي. ان بعد جي. ايم. سيد جا 1947ع کان 1973ع تائين جا لکيل 76 خط ڏنا ويا آهن. ضميمي (1) ۾ محمد امين کوسي جي وفات کان پوءِ سندس خاندان وارن سان ڪيل لکپڙهه ۽ ضميمي (2) ۾ محمد امين کوسي جا سيد بابت مضمون ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سيد جلال محمود شاهه، جي. ايم. سيد فائونڊيشن ڪراچيءَ پاران، 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ ڪُل 160 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ حاصل جنين حالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو